عينا آصف 18 سالن جي ٿي وئي، سالگرھ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

فہرستِ مضامین

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارھ عينا آصف پنهنجي 18هين سالگرھ ملهائي، جنهن جون ڪجھ تصويرون هن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن.

سالگرھ جي موقعي تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ عينا آصف ٻڌايو ته هوءَ 18 سالن جي ٿي وئي آهي. تصويرن ۾ اداڪارھ خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهي آهي، جڏھن ته هن ان موقعي تي ڳاڙھي رنگ جو سادو ڊگهو لباس پهريل هو.

عينا آصف جي سالگرهه جون تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن طرفان کيس 18هين سالگرهه جون مبارڪون ۽ نيڪ خواهشون ڏنيون پيون وڃن.

عينا آصف ننڍي عمر ۾ ئي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ مختلف ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري ذريعي ناظرين جي توجهه حاصل ڪئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں