راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ حنا جاويد جي قتل ڪيس ۾ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ مقتولا جي جسم تي ڪيترن ئي گهري زخمن ۽ تشدد جا نشان ملڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، حنا جاويد جي منهن، ڳچيءَ، ٻانهن ۽ هٿن تي زخمن جا نشان هئا، جڏهن ته مٿي جي پوئين حصي تي 27 سينٽي ميٽر ڊگهو گهرو زخم پڻ موجود هو.
رپورٽ موجب، مقتولا جي ڳچيءَ جي هڏي ٽٽل هئي، چپ ڦاٽل هئا ۽ جسم جي مختلف حصن تي ڌڪن سبب نيرا نشان موجود هئا. ان کان علاوه، سندس ٻنهي ڪُنين تي اسڪرو ڊرائيور سان سوراخ ڪرڻ جا نشان پڻ ڄاڻايا ويا آهن.
شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته مقتولا جي ڦڦڙن ۾ رت ڀريل هو، جڏهن ته دل جي چوڌاري موجود پردي ۾ به رت گڏ ٿيل هو.
رپورٽ موجب، حنا جاويد کي 20 آگسٽ تي ساهرن جي گهر ۾ مبينا تشدد کانپوءِ قتل ڪيو ويو، جڏهن ته قتل بعد سندس لاش کي باٿ روم ۾ شاور سان لٽڪايو ويو هو.
واقعي جو ڪيس راولپنڊي جي سول لائينز ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. ڪيس ۾ نامزد مقتولا جو مڙس فيصل اصغر ۽ گهريلو ملازم ذيشان ارشد عدالتي رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ آهن.
ٻئي طرف مقتولا جي وارثن پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي واقعي جي شفاف جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.