ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد نمبر 10 ۾ گهر اندر عورت جي لاش هٿ آئي آهي، جنهن بابت عورت جي ڀاءُ الزام هنيو آهي ته سندس ڀيڻ کي تيز ڌار اوزار جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس موجب عورت ذهني صحت جي مسئلن سبب علاج هيٺ هئي ۽ دوائون استعمال ڪندي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي هٿ جي نبض ڪيترن ئي هنڌن تان ڪٽيل هئي.
ٻئي طرف عورت جي ڀاءُ عبدالله جيو نيوز کي ٻڌايو ته هو ڀيڻ جي گهر پهتو ته دروازي کي تالو لڳل هو. تالو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ تي کيس ڀيڻ جو لاش پيل نظر آيو.
عبدالله الزام لڳايو ته سندس ڀيڻ کي مبين نالي شخص تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب، ڀيڻ جي ٻارن ٻڌايو ته مبين گهر آيو هو، جڏهن ته عورت جو مڙس روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه ويل آهي.
پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.