لائیو ترڪي مڪہ ۽ بدر اتحاد مان ڇا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟

فہرستِ مضامین

استنبول (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال ۽ عالمي طاقت جي توازن ۾ تبديلين وچ ۾ ترڪي پنهنجي علائقائي اثر کي وڌائڻ لاءِ نوان دفاعي ۽ سفارتي اتحاد قائم ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب سان ’مڪو دفاعي اتحاد‘، جڏهن ته قطر، پاڪستان ۽ انڊونيشيا سان ’بدر‘ مفاهمتي يادداشت ذريعي ترڪي نه رڳو علائقائي سلامتيءَ ۾ پنهنجو ڪردار مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، پر پنهنجي تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ دفاعي صنعت لاءِ نيون مارڪيٽون ۽ خريدار ڳولڻ پڻ ان جي حڪمت عمليءَ جو اهم حصو آهي.

بي بي سي جي رپورٽ موجب، ترڪي جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ’علائقائي ملڪيت‘ واري تصور کي خاص اهميت حاصل ٿي وئي آهي. ان پاليسيءَ تحت انقره جو موقف آهي ته وچ اوڀر جا ملڪ پنهنجي سلامتي ۽ علائقائي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ ۾ منظم سهڪار ۽ گڏيل نظام قائم ڪن، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين طاقتن جي مداخلت سان مسئلا وڌيڪ پيچيده ٿي سگهن ٿا.

’آر 4‘ علائقائي سهڪار جو فورم

ترڪي، مصر، پاڪستان ۽ سعودي عرب تي ٻڌل ’آر 4‘ فورم جو مقصد علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه، سياسي سهڪار ۽ پائيدار استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي. هن فورم جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين گڏجاڻي 18 مارچ 2026ع تي رياض ۾ ٿي، جڏهن ته ان کانپوءِ به مختلف موقعن تي ملاقاتون ڪيون ويون.

23 آڪٽوبر تي استنبول ۾ آر 4 جي پرڏيهي وزيرن جي جرمني، فرانس ۽ برطانيا تي ٻڌل ’اي 3‘ گروپ جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات پڻ طئي ٿيل هئي، جنهن جو مقصد وچ اوڀر ۽ يورپ سان لاڳاپيل اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ سفارتي رابطن کي مضبوط ڪرڻ هو.

مڪو دفاعي اتحاد جا مقصد ڪهڙا آهن؟

ترڪي، پاڪستان ۽ سعودي عرب 7 آگسٽ تي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري ’مڪو اتحاد‘ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. معاهدي جي اهم شق موجب، ڪنهن هڪ ميمبر ملڪ تي ٻاهرين هٿياربند حملي کي سمورن ميمبر ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.

ان شق کي نيٽو جي گڏيل دفاع واري اصول سان ڀيٽيو پيو وڃي. معاهدي ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار سان گڏ دفاعي صنعت ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي.

رپورٽ موجب، ترڪي، پاڪستان ۽ سعودي عرب واضح ڪري چڪا آهن ته اتحاد جو مقصد ڪنهن مخصوص ملڪ، خاص طور اسرائيل، خلاف محاذ ٺاهڻ نه، پر گڏيل دفاع ۽ حملي کي روڪڻ جي صلاحيت مضبوط ڪرڻ آهي.

تنهن هوندي به، اتحاد جي عملي اثرائتي هجڻ بابت سوال موجود آهن. سعودي عرب کي حوثي حملن کي روڪڻ ۾ درپيش ڏکيائين جي باوجود، رپورٽ موجب، اتحاد جي قيام کانپوءِ اڃا تائين سعودي عرب کي ميمبر ملڪن طرفان سڌي فوجي مدد فراهم نه ڪئي وئي آهي. ترڪي جي دفاع واري وزارت جو چوڻ هو ته سعودي عرب کي امڪاني فوجي مدد بابت معاملو ترڪ پارليامينٽ مان معاهدي جي منظوري کانپوءِ غور هيٺ اچي سگهي ٿو.

’بدر‘ مفاهمت، دفاعي صنعت ۾ تعاون

ترڪي، قطر، پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي بچاءَ وارن وزيرن 21 آڪٽوبر تي دوحا ۾ ’بدر‘ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. ان جو مقصد فوجي سهڪار سان گڏ دفاعي صنعت ۾ گڏيل منصوبن، تحقيق ۽ ترقي، گڏيل پيداوار، بنيادي ڍانچي ۽ سپلاءِ چين کي مضبوط ڪرڻ آهي.

ترڪي جي دفاع واري وزارت موجب، هن مفاهمت ذريعي ميمبر ملڪن وچ ۾ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي هٿي ڏني ويندي.

بدر اتحاد ۾ شامل ملڪن ترڪي جي مقامي جنگي جهاز ’ڪان‘ منصوبي ۾ پڻ دلچسپي ڏيکاري آهي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا اڳ ئي ان حوالي سان ترڪي سان ڪجهه مفاهمتي دستاويزن تي صحيحون ڪري چڪا آهن.

ترڪي لاءِ دفاعي صنعت ڇو اهم آهي؟

ترڪي انهن اتحادين ذريعي پنهنجي دفاعي شين ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مارڪيٽ وڌائڻ، گڏيل پيداوار جا منصوبا شروع ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن سان فوجي صنعتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو.

مجموعي طور، مڪو اتحاد ۽ بدر مفاهمت ترڪي جي ان حڪمت عمليءَ جا ٻه اهم حصا آهن، جن ذريعي انقره هڪ طرف علائقائي سلامتيءَ ۾ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ٻئي طرف پنهنجي دفاعي صنعت کي عالمي سطح تي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. البت، انهن اتحادين جي حقيقي اهميت جو دارومدار معاهدن جي منظوري، عملي سهڪار ۽ گڏيل دفاعي منصوبن تي عملدرآمد تي هوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں