اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪاري ڪندڙ تنظيمن خلاف ڪارروائيون ڀرپور نموني جاري رکيون وينديون ۽ اهي جتي به موجود هوندا، کين سخت جواب ڏنو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور جي ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگرديءَ خلاف جاري ڪاررواين، سرحدي انتظامن ۽ صوبي ۾ مقرر فوجي دستن جي آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلن ۽ پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي کين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ چوڪس رهڻ ۽ آپريشنل تيارين جو اعليٰ معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.
فيلڊ مارشل چيو ته اسپانسرڊ دهشتگرد تنظيمن خلاف مهم ڀرپور نموني جاري رکي ويندي ۽ انهن کي جتي به موجود هوندا، نشانو بڻايو ويندو.
هن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن ۽ غازين سميت پاڪستاني عوام جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عوام جي حمايت سان پاڪستان دهشتگردن ۽ سندن انتهاپسند نظرين کي شڪست ڏيندو.
پشاور پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جو استقبال ڪيو.