راجن پور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): انڊس هاءِ وي تي مسافر بس سان پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ 9 مسافر حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 36 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوءِ امدادي ٽيمن فوري طور پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
ريسڪيو اختيارين موجب، حادثو راجن پور ۾ بنگلا هدايت ڀرسان پيش آيو، جتي ڪراچي کان ڊيرا غازي خان ويندڙ مسافر بس ڊيوائيڊر سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ اونڌي ٿي پئي.
ريسڪيو 1122 موجب، حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ فوت ٿيلن جا لاش توڙي زخمين کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون.
اختيارين موجب، حادثي ۾ زخمي ٿيل مسافرن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته معمولي زخمين کي واقعي واري هنڌ تي ئي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته حادثي جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻ جو انتظار آهي.