لائیو دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ جاري رھندي، ايپڪس ڪميٽي جو اهم فيصلو

فہرستِ مضامین

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پشاور ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوجن، پوليس ۽ عوام جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ، امير مقام، رانا ثناءُالله، خيبر پختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ پشاور ڪور ڪمانڊر شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، جڏهن ته جوانن ۽ آفيسرن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

وزيراعظم چيو ته خيبر پختونخوا پوليس، سيف سٽيز منصوبن ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي جيڪي به وسيلا گهربل هوندا، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي.

اجلاس دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سيڪيورٽي صورتحال ۽ وفاق طرفان صوبي کي فراهم ڪيل سهولتن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم خيبر پختونخوا انتظاميا کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڌيڪ سهڪار فراهم ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي.

ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهتو، جتي صوبي جي سياسي صورتحال ۽ تازين اڳڀراين جو جائزو ورتو ويو. دوري دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندانن لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان پڻ متوقع هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں