لائیو گجرات ۾ نوجوان جو قتل: سعودي عرب مان اچي جنازي ۾ شرڪت ڪندڙ ڀاءُ ئي قاتل ڪيئن نڪتو؟

فہرستِ مضامین

گجرات (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي گجرات ۾ 24 ورهين جي نوجوان محمد سفيان جي قتل جو ڪيس هڪ حيران ڪندڙ موڙ تي پهچي ويو، جتي پوليس موجب مقتول جو وڏو ڀاءُ محمد بلال ئي قتل ۾ ملوث نڪتو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار قتل کانپوءِ نه رڳو واردات کي ڦر جو رنگ ڏنو، پر ڀاءُ جي جنازي ۽ تدفين ۾ به شرڪت ڪري پاڻ کي بيگناهه ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

بي بي سي اردو جي رپورٽ موجب، 17 آڪٽوبر تي محمد سفيان کي سندس وڏي ڀاءُ محمد بلال جي واٽس ايپ ڪال آئي، جنهن کيس گجرات شهر پهچڻ لاءِ چيو ۽ سرپرائز ڏيڻ جو ذڪر ڪيو. بلال مبينا طور سعودي عرب ۾ رهندو هو، پر پوليس موجب هو ان وقت پاڪستان ۾ موجود هو.

ٻئي ڀائر گجرات شهر ۾ مليا، گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ موٽرسائيڪل تي واپس روانا ٿيا. ضلعي پوليس آفيسر فيصل شهزاد موجب، ڊريڪڙي روڊ تي هڪ ويران هنڌ تي بلال مبينا طور پيشاب ڪرڻ جو بهانو ڪري موٽرسائيڪل بيهارڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ سفيان جي ڳچيءَ تي ڇريءَ سان وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار واردات کي ڦر جو رنگ ڏيڻ لاءِ مقتول جو موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل به پاڻ سان کڻي ويو.

سي سي ٽي وي فوٽيج مان اهم انڪشاف

پوليس موجب، واقعي جي جاچ لاءِ علائقي جي سي سي ٽي وي ۽ سيف سٽي ڪئميرائن جي رڪارڊنگ جو جائزو ورتو ويو. فوٽيج ۾ سفيان کي گجرات شهر ۾ پنهنجي ڀاءُ سان ملندي ۽ پوءِ ساڻس گڏ موٽرسائيڪل تي ويندي ڏٺو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ويران علائقي مان واپسي وقت موٽرسائيڪل بلال اڪيلو هلائيندي نظر آيو، جڏهن ته سفيان غائب هو. ان کانپوءِ جاچ جو رخ بلال ڏانهن ٿيو. پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان هٿ آيل ڇريءَ تي به بلال جا آڱرين جا نشان مليا، جن جي تصديق لاءِ ڇري پنجاب فرانزڪ ليبارٽري لاهور موڪلي وئي.

سعودي عرب مان اچڻ جي دعويٰ به شڪي بڻجي وئي

پوليس موجب، بلال خاندان کي ٻڌايو ته هو ڀاءُ جي قتل جي اطلاع ملڻ کانپوءِ سعودي عرب مان پاڪستان پهتو آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي رڪارڊنگ مان ظاهر ٿيو ته هو قتل کان اڳ ئي پاڪستان ۾ موجود هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته بلال خاندان کي ڀاءُ جي تدفين ۾ دير ڪرڻ لاءِ به چيو ۽ پوءِ جنازي ۾ شرڪت ڪري پاڻ کي بيخبر ظاهر ڪيو. جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

قتل جو سبب وراثتي تڪرار؟

مقتول ۽ جوابدار جي والد خالد محمود بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته ٻنهي ڀائرن وچ ۾ وراثتي ملڪيت جي ورهاست جو تڪرار هو. سندس چوڻ موجب، چار مرلا گهر جي ورهاست واري معاملي تي هن بلال کي ڳوٺ کان ٻاهر 18 مرلا زرعي زمين ڏني هئي ۽ چيو هو ته هاڻي گهر ۾ سندس حصو نه هوندو.

والد جو دعويٰ آهي ته بلال سمجهندو هو ته سندس ننڍو ڀاءُ سفيان وراثتي حق ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته هو پاڻ به ان ڳالهه کان بيخبر هو ته معاملو اهڙي افسوسناڪ انجام تائين پهچي سگهي ٿو.

پوليس موجب، جاچ دوران بلال ڏوهه جو اعتراف ڪندي ملڪيت جي ورهاست ۾ ناانصافي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي. بهرحال، ڪيس ۾ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

والد خالد محمود ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سندس دنيا اجڙي وئي آهي؛ هڪ پٽ قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو پٽ به جيل جي سلاخن پٺيان پهچي ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں