لائیو فرانس کان پوءِ يونان ۾ بہ مهانگائي خلاف احتجاج، هزارين شاگرد، استاد ۽ ملازم روڊن تي نڪري آيا

فہرستِ مضامین

ايٿنز (انٽرنيشنل ڊيسڪ): وڌندڙ مهانگائي، تعليم جي خراب صورتحال ۽ پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف فرانس کان پوءِ يونان ۾ به احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. پوليس ۽ مقامي ميڊيا موجب، 10 هزار کان وڌيڪ شاگردن، اسڪولي ٻارن، استادن ۽ ملازمن گاديءَ واري شهر ايٿنز سميت مختلف شهرن ۾ مارچ ڪري حڪومت کان رليف ۽ سرڪاري تعليم تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

فرانس پريس موجب، ايٿنز ۾ لڳ ڀڳ 5 هزار ماڻهو احتجاج ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن ته ملڪ جي ٻئي وڏي شهر ٿيسالونيڪي ۾ 3 هزار ماڻهو گڏ ٿيا. سرڪاري ٽيليويزن ”اي آر ٽي“ موجب، اولهه واري شهر پاتراس ۾ پڻ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن مارچ ۾ شرڪت ڪئي.

اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ خراب عمارتن خلاف احتجاج

احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ استادن جو چوڻ آهي ته اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن، تدريسي عملي ۽ مناسب عمارتن جي کوٽ آهي. سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جي يونين موجب، ملڪ جي اسڪولن ۾ لڳ ڀڳ 15 هزار استادن جي کوٽ آهي.

ايٿنز ڀرسان هڪ ميونسپلٽي ۾ ڪم ڪندڙ 50 ورهين جي ملازمه ماريا احتجاج دوران فرانس پريس سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم جو معيار انتهائي خراب آهي، اسڪولن ۾ عملي جي کوٽ آهي ۽ عمارتون پڻ زبون حال آهن.

ٿيسالونيڪي جي ارسطو يونيورسٽي جي فلسفي ۽ تدريسي شعبي جي شاگردياڻي ڪاتيا ڪوبوسيدو چيو ته يونان هجي يا فرانس، شاگرد مفت ۽ سرڪاري تعليم جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

ايٿنز جي شاگرد يانس پاپانيڪولاو ٻڌايو ته سندس اسڪول جي ڪجهه ڪلاسن جون دريون ٽٽل آهن ۽ گرمائش جو نظام پڻ ڪم نٿو ڪري. سندس چوڻ هو ته فرانس ۾ ٿيندڙ احتجاج يونان ۾ به تبديلي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو حوصلو ڏين ٿا.

يونان کان فرانس تائين، مفت تعليم لاءِ جدوجهد

ٿيسالونيڪي ۾ احتجاج ڪندڙن اهڙا بينر پڻ کنيا، جن تي لکيل هو ته ”يونان ۽ فرانس، هر هنڌ انقلاب، ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيا دشمن“ ۽ ”يونان کان فرانس تائين، مفت ۽ سرڪاري تعليم لاءِ جدوجهد“.

شاگردياڻي ڪاتيا ڪوبوسيدو موجب، تعليم جا خرچ هاڻي برداشت کان ٻاهر ٿي رهيا آهن ۽ روزمره جي زندگيءَ جا وڌندڙ خرچ والدين تي وڏو بار بڻجي رهيا آهن.

رپورٽ موجب، مالي بحران کان پوءِ يونان ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ باوجود اها 920 يورو کان وڌيڪ ناهي.

پگهارن ۾ واڌ ۽ تعليم لاءِ وڌيڪ بجيٽ جو مطالبو

اڱاري جي شام ڪيترن ئي شاگردن ايٿنز ۽ ٿيسالونيڪي ۾ خيما لڳائي احتجاج جاري رکيو. سرڪاري شعبي جي ملازمن جي يونين ”اڊيدي“ پڻ ڪم بند ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ شاگردن جي احتجاج ۾ شامل ٿي وئي.

يونين پگهارن ۾ واڌ ۽ استادن لاءِ بهتر سهولتن سميت مختلف مطالبا پيش ڪيا. احتجاج دوران 17 ورهين جي شاگرد نيڪوس مافروديس ٻڌايو ته مرڪزي ايٿنز ۾ سندس اسڪول جي واش رومن جي ڇت جا ڪجهه حصا ڪري چڪا آهن.

رپورٽ موجب، تازو ئي ٿيسالونيڪي ڀرسان ٿيرمي ۾ ڪلاس روم جي ڇت جو حصو ڪرڻ سبب 14 ورهين جو شاگرد زخمي ٿيو هو، جڏهن ته ايٿنز ۾ گئس ليڪ ٿيڻ جي اطلاع کان پوءِ هڪ وڏي سيڪنڊري اسڪول کي بند ڪيو ويو هو.

يورپي شمارياتي اداري موجب، يونان 2023ع ۾ پنهنجي مجموعي ملڪي پيداوار جو 3.3 سيڪڙو تعليم لاءِ مختص ڪيو، جڏهن ته يورپي يونين ۾ اهو سراسري انگ 4.7 سيڪڙو هو.

مهانگائي جي شرح يورو زون جي بلند ترين شرحن ۾ شامل

يونان جي قدامت پسند حڪومت فرانس ۾ تازن احتجاجن ۽ تشدد جي واقعن سان ڀيٽ ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.

وزيراعظم ڪيرياڪوس مٽسوٽاڪيس چيو آهي ته يونان 2009ع کان 2018ع تائين مالي بحران دوران پيدا ٿيل شديد سماجي بيچيني واري دور ڏانهن واپس نه ويندو. ان عرصي دوران سرڪاري خرچن ۾ ڪٽوتين سبب عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ احتجاج پڻ ٿيا هئا.

يورو اسٽيٽ موجب، گذريل سيپٽمبر ۾ يونان ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 5.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا يورو زون جي سراسري شرح 3.8 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں