لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) برطانيا جي بادشاهه چارلس جو پنهنجي موجوده گهرواري راڻي ڪيميلا ۽ اڳوڻي گهرواري شهزادي ڊيانا سان رويو مختلف هجڻ بابت نوان تفصيل سامهون آيا آهن. شاهي معاملن جي ليکڪ سائمن ويگر موجب، بادشاهه چارلس هاڻي راڻي ڪيميلا کي شاهي تقريبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ڏئي ٿو، جڏهن ته ماضي ۾ شهزادي ڊيانا کي اهڙي نموني اڳيان اچڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سائمن ويگر رسالي ’هيلو‘ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته بادشاهه چارلس ۽ راڻي ڪيميلا وچ ۾ بهتر هم آهنگي نظر اچي ٿي ۽ ٻئي گڏجي پنهنجون شاهي ذميواريون نڀائين ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته شهزادو وليم به پنهنجي گهرواري شهزادي ڪيٿرين مڊلٽن جي موجودگيءَ ۾ وڌيڪ پرسڪون نظر اچي ٿو ۽ کيس پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو.
سائمن ويگر موجب، شاهي ذميواريون اڪيلي سر نڀائڻ ڏکيو هوندو آهي، تنهنڪري مڙس ۽ گهرواري وچ ۾ سهڪار ضروري آهي. سندس خيال ۾، مستقبل ۾ شهزادي وليم جي بادشاهه بڻجڻ کانپوءِ وليم ۽ ڪيٿرين وچ ۾ گڏيل ذميوارين جي حوالي سان وڌيڪ هم آهنگي ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿي.
واضح رهي ته بادشاهه چارلس ۽ راڻي ڪيميلا جي شادي کي 19 سال ٿي چڪا آهن، جڏهن ته شهزادي ڊيانا سان سندس پهرين شادي برطانوي شاهي خاندان جي تاريخ جو اهم حصو رهي آهي.