ترقياتي ڪم نه ٿيڻ تي مايوس، روڊن بابت چيئرمين کي رپورٽ ڏيندس: جميل الزمان

فہرستِ مضامین

ننگرپارڪر(رپورٽ: آزاد اصغر ڪنڀر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ننگرپارڪر سميت مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ روڊن جي خراب حالت تي مايوس آهيان، ان حوالي سان پارٽي چيئرمين کي رپورٽ پيش ڪندس. هن ايندڙ اليڪشن ۾ اميدوارن جي چونڊ لاءِ گڏيل صلاح مشوري سان فيصلو ڪرڻ جو به چيو.

مخدوم جميل الزمان ننگرپارڪر جي دوري دوران ڳوٺ ڪُٻڙي پهتو، جتي هن اڳوڻي يوسي ناظم ۽ سياسي اڳواڻ رئيس عبدالرحيم خان کوسو جي لاڏاڻي تي رئيس عبدالغني کوسو ۽ رئيس محمدالرحيم کوسو سان تعزيت ڪئي.

تعزيت بعد مخدوم جميل الزمان ننگرپارڪر جي دل هائوس پهتو، جتي هن خطاب ڪندي علائقي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ننگرپارڪر سميت مختلف علائقن جي روڊن جي خراب حالت بابت پارٽي چيئرمين کي رپورٽ پيش ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ اميدوارن جي چونڊ لاءِ گڏجي ويهي صلاح مشوري سان فيصلا ڪيا ويندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں