بگ باس ۾ شرڪت لاءِ ڪهڙي شرط رکي هئي؟ نورا فتحي ٻڌائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪينيڊين گلوڪارھ ۽ ڊانسر نورا فتحي انڪشاف ڪيو آهي ته هن 2015ع ۾ سلمان خان جي ريئلٽي شو ’بگ باس 9‘ ۾ شرڪت لاءِ هڪ خاص شرط رکي هئي.

هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي نورا فتحي ٻڌايو ته ’بگ باس 9‘ جي آڇ وقت هوءَ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي هئي ۽ ڪيترن ئي گانن ۾ ڪم ڪرڻ باوجود کيس معاوضو نه ملي رهيو هو.

نورا فتحي موجب شروعات ۾ هن ’بگ باس‘ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پر جڏهن شو جي انتظاميا طرفان معاوضي جي آڇ ڪئي وئي ته هوءَ راضي ٿي وئي.

نورا فتحي ٻڌايو ته سندس شرط اها هئي ته ’بگ باس‘ ۾ شرڪت جي بدلي کيس ساڳئي چينل جي ڊانس ريئلٽي شو ’جهلڪ دکھلا جا‘ ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

هن چيو ته هوءَ ’جهلڪ دکھلا جا‘ ۾ شرڪت ڪرڻ چاهيندي هئي، تنهن ڪري پروڊيوسرز کي چيو ته جيڪڏهن کيس ان شو ۾ موقعو ڏنو وڃي ته هوءَ ’بگ باس‘ ۾ شرڪت ڪندي.

نورا موجب پروڊيوسرز سندس شرط قبول ڪئي ۽ کيس ’جهلڪ دکھلا جا‘ ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.

واضح رهي ته نورا فتحي ’بگ باس 9‘ ۾ وائلڊ ڪارڊ انٽري ذريعي شامل ٿي هئي.

پروفيشنل زندگي بابت رپورٽن موجب نورا فتحي رجني ڪانت جي فلم ’جئلر 2‘ ۾ خاص ڊانس نمبر ۾ نظر اچي سگهي ٿي.

هن سال نورا فتحي ’سلي ٽو دي ردھم‘ ۽ بادشاهه سان گڏ ’ساجن ري‘ پڻ رليز ڪيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں