اسان مشهور ٿي رهيا آهيون ته اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ گووندا جو گرل فرينڊ سان مندر وڃڻ تي جواب

فہرستِ مضامین

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ): بالي ووڊ اداڪار گووندا پنهنجي گرل فرينڊ ۽ ساٿي اداڪارا ڪومل راني سورنڪر سان گڏ مندر وڃڻ بابت ٿيندڙ قياس آرائين تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب گووندا ۽ ڪومل راني ممبئي جي هڪ مندر جو دورو ڪيو، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون ۽ مداحن توڙي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون.

بعد ۾ گووندا هڪ انٽرويو دوران وضاحت ڪندي چيو ته سندس مندر وڃڻ جو تعلق سندس ايندڙ فلم ”روپا“ سان آهي، جنهن ۾ ڪومل راني سندس مقابلي ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندي. اداڪار موجب ٻئي ڄڻا فلم جي ڪاميابي لاءِ مندر ۾ دعا ڪرڻ ويا هئا.

گووندا چيو ته هو ماضي ۾ به پنهنجي ساٿي اداڪارائن ڪرشمہ ڪپور ۽ روينا ٽنڊن سان گڏ مندر وڃي چڪو آهي، جنهن کان پوءِ انهن جون فلمون ڪامياب ٿيون هيون.

مندر جي دوري تي ٿيندڙ بحث بابت گووندا چيو ته جيڪڏهن سندس نئين فلم شروع ٿي رهي آهي ته ان ڳالهه تي ايتري بحث ڇو ٿي رهي آهي؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں