آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ ايران سان امن معاهدو ويجهو ٿي سگهي ٿو ۽ اڳڀرائي ھاڪاري رخ ۾ جاري آهي، اسرائيل بہ پنهنجا حملا گهٽ ڪندو۔
ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان امڪاني امن معاهدي بابت اميد ظاهر ڪندي چيو تہ معاهدو جلد ٿي سگهي ٿو ۽ سفارتي ڪوششون سٺا نتيجا ڏئي رھيون آهن۔
آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو تہ هو اسلام آباد ۾ جاري ڳالهين بابت تمام گهڻو پراميد آهي ۽ اميد آهي تہ سفارتي ڪوششون جلد نتيجا ڏينديون۔
هن موجب خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جو امڪان آهي ۽ اسرائيل بہ پنهنجا حملا گهٽ ڪندو۔
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ ايراني قيادت ڳالهين ۾ ڏاھپ جو رويو اختيار ڪيو آهي، جيڪڏھن معاهدو نہ ٿيو ته صورتحال تمام تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهي ٿي۔
هن اهو بہ انڪشاف ڪيو تہ نيتن ياهو سان تازي ٽيليفونڪ ڳالهہ ٻولهہ ۾ لبنان تي حملن ۾ گهٽتائي تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي……