لبنان ۾ حزب الله خلاف ڪارروائي جاري رھندي: اسرائيلي وزيراعظم جي ڌمڪي

فہرستِ مضامین

تل ابيب / بيروت (نيوز ڊيسڪ)

اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو اعلان ڪيو آهي ته لبنان ۾ حزب الله خلاف “جتي به ضرورت پئي” ڪارروائي جاري رکي ويندي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل ڪنهن به اهڙي خطري کي برداشت نه ڪندو جيڪو ان جي شهرين خلاف هجي. هن چيو ته “اسان جو پيغام صاف آهي، جيڪو به اسرائيلي شهرين خلاف ڪارروائي ڪندو، ان کي نشانو بڻايو ويندو.”

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل پنهنجي اترين علائقن ۾ مڪمل سيڪيورٽي بحال ٿيڻ تائين حزب الله خلاف حملا جاري رکندو.

اسرائيل جو موقف آهي ته جيڪا جنگبندي ٿي آهي، اها لبنان تي لاڳو نٿي ٿئي، جڏهن ته ايران ان موقف کي رد ڪندي چيو آهي ته لبنان تي اسرائيلي حملا معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙي آهن.

هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته حزب الله جي اڳواڻ نعيم قاسم جي ڀائيٽي ۽ ڪمانڊر علي يوسف حرشي کي هڪ حملي ۾ ماريو ويو آهي.

ماهرن موجب، اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سڄي خطي لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن حالتون ڪنٽرول نه ٿيون ته لبنان ٻيهر وڏي جنگ جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں