پاڪستان ۽ سعودي طرفان لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي مذمت

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۽ سعودي عرب لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۽ جنگ بندي جـِي ڀڃڪڙين جـِي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.

پاڪستان جَي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان طاهر حسين اندربي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تہ پاڪستان لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ وڏي جاني نقصان ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

ھن چيو تہ پاڪستان لبناني حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، ڏک جـِي هن گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهيون.

ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو تہ اسرائيلي ڪارروايون نہ رڳو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، پر خطي ۾ امن جي ڪوششن کي بہ نقصان پهچائي رھيون آھن.

پاڪستان لبناني آزادي، علائقائي خودمختاري ۽ امن و استحڪام جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي.

ھوڏانھن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار  ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزادہ فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.

ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو تہ  جٽادار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جنگ بندي جو مڪمل احترام ۽ لاڳو ٿيڻ جو وقت اهم ضرورت آهي.

اسحاق ڊار جٽادار امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي سعودي عرب پاران مسلسل حمايت کي ساراهيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں