آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ نئين بيان ۾ ايران بابت انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته حالتون انتهائي نازڪ ٿي چڪيون آهن ۽ اڄ رات وڏو فيصلو ٿي سگهي ٿو، ٽرمپ مطابق، خطي ۾ وڏي تبديلي ۽ امڪاني “رجيم چينج” جون ڳالهيون به سامهون اچي رهيون آهن، هن اميد ظاهر ڪئي ته شايد ڪا مثبت ۽ انقلابي تبديلي به اچي سگهي ٿي، بيان عالمي سطح تي ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿيڻ جو خدشو آهي.
جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هاڻي هڪ اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي ڊگهي جنگ ۽ امن جي وچ ۾ فاصلو انتهائي گهٽجي ويو آهي. هن نازڪ صورتحال ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اهم سفارتي ڪردار ادا ڪندي جنگ بندي لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگي تڪرار جو مرڪز هرمز جو لنگھ (Hormuz Strait) بڻيل آهي، جيڪا دنيا جي اهم ترين تيل جي گذرگاهن مان هڪ آهي، ايران تي الزام آهي ته هن هرمز لنگھ کي بند ڪري ڇڏيو آهي ، آمريڪا ان کي عالمي توانائي سلامتي لاءِ خطرو سمجهي ٿو،. خطي ۾ فوجي ھنڌ ۽ سامونڊي سرگرميون وڌي ويون آهن، تجزيه نگارن موجب، هي تڪرار رڳو ٻن ملڪن تائين محدود ناهي، پر ان جا اثر پوري دنيا تي پئجي رھيا آهن۔
جنگبندي واريون ڪوششون
ذريعن موجب، پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جنگ جي خاتمي لاء اهم عالمي اڳواڻن سان سڌي رابطي ۾ رهيون، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس آمريڪي خاص نمائندي اسٽيورٽ وِٽڪوف سان سڌيون ڳالهيون ڪيون آهن ، هي رابطا خاص طور تي جنگ بندي جي امڪانن ۽ اعتماد سازي تي ٻڌل هئا۔
جنگ جي خاتمي جي حوالي سان عالمي ميڊيائي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان، ترڪي ۽ مصر گڏجي هڪ ابتدائي امن منصوبو تيار ڪيو آهي: انهي منصوبي تحت
45 ڏينهن جي جنگ بندي، هرمز لنگھ کي کولڻ ۽ ان دوران باقاعده ڳالهيون شروع ڪرڻ ۽مستقل امن لاءِ فريم ورڪ تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي، هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سخت بيانن سان گڏ ايران کي واضح ڊيڊ لائن ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن هرمز لنگھ نه کوليو ويو ته، ايران جي اهم هنڌن بجلي گهر۽ پلين کي نشانو بڻايو ويندو، ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته “آمريڪا فوجي طور تي اڳڀرو آهي.
تنهن هوندي بہ آمريڪا پاڪستان جي تجويز تي غور ڪري رهيو آهي، پر اڃا تائين حتمي منظوري ناهي ڏني وئي، ٽرمپ لاءِ سياسي ساک به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي
ان سڄي صورتحال ۾ ايران سڌي جنگ بدران پنهنجي اسٽريٽجڪ طاقت تي ڀاڙي رهيو آهي، ايران وٽ ڊرونز، ميزائل ۽ بارودي سرنگھون تيل بردار جهازن کي روڪڻ کانسواء ھرموز لنگھ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ايران جو اصل هٿيار “نفسياتي دٻاءُ” آهي، جيڪو عالمي مارڪيٽن تي اثرانداز ٿئي ٿو، ايران آمريڪا جنگ دوران پهرين ڏينهن کان نارجا ملڪ نشاني تي رهيا آهن، دبئي ۽ ٻين شهرن ۾ سياحت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ڪويت ,بحرين ,سعودي عرب مٿان حملن جو سلسلو جاري آهي.
پاڪستان پاران مذمت
پاڪستان سعودي عرب جي اوڀر علائقي ۾ توانائي هنڌن تي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي کاتي موجب سعودي عرب ۾ اهم توانائي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي۔
بيان ۾ چيو ويو ته جاني نقصان تي پاڪستان کي گهرو ڏک ٿيو آهي، حملن کي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستان خبردار ڪيو آهي ته اهڙيون ڪارروايون خطي جي امن لاءِ خطرو آهن، نون حملن کانپوءِ نار جي ملڪن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ تي رکي وئي آهي۔
ايراني سفير جو بيان
هوڏانهن ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير جو چوڻ آھي تہ “پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون هاڻي اهم ۽ نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن”
پاڪستان هڪ ذميوار عالمي ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيو آهي. جنگ جي حوالي سان هن وقت جي سموري صورتحال ڪجهه اهم سوالن تي بيٺل آهي، ڇا 45 ڏينهن جي جنگ بندي تي اتفاق ٿيندو؟، ڇا آمريڪا فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪندو؟، ڇا ايران هرمز لنگھ کولڻ تي راضي ٿيندو. پاڪستان هن وقت هڪ انتهائي حساس ۽ تاريخي سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ جيڪڏهن هي ڪوششون ڪامياب ٿيون، ته نه صرف خطي ۾ امن جا در کلندا پر پاڪستان جي عالمي ساک ۾ به نمايان واڌ ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن سفارتڪاري ناڪام ٿي، ته صورتحال ڪنهن به وقت وڏي ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي