ايران جي مختلف علائقن ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي گڏيل حملن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 15 ڄڻا شھيد ٿيا آھن.
پرڏيھي ميڊيا موجب تھران جي اوڀر واري شھر پرديس۾ عمارتن جي ملبي مان 6 لاش ڪڍيا ويا آھن.
مقامي عملدارن جو چوڻ آھي تہ تھران جي اولھ واري علائقي شھريار جي ھڪ رھائشي علائقي تي اسرائيلي حملي ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا شھيد ٿيا آھن.
ٻئي پاسي عراق جي صوبي الانبار ۾ ايران جي حمايتي پاپولر موبلائزيشن فورسز جي 45 ھين برگيڊ ھيڊڪوارٽر تي حملي ۾ ھڪ ڄڻو شھيد ٿي ويو، جنھن کي گروپ آمريڪي يھودي ڪارروائي قرار ڏنو آھي.
ھواڏنھن اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آھي تہ ڏکڻ لبنان ۾ حزب اللھ جي وڌيڪ ويڙھاڪن کي شھيد ڪيو ويو آھي.
اسرائيلي فوج موجب شھيد ٿيل ماڻھن جو تعلق اينٽي ٽينڪ ميزائل سان ھو ۽ ھڪ مسجد ۾ موجود ھئا.
جڏھن تہ حزب اللھ پاران شھادتن جي تصديق يا ترديد ناھي ڪئي وئي…….