ايران جي اعليٰ فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڌمڪين کي وھم تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔
ايراني گڏيل اعليٰ فوجي ڪمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تہ وچ اوڀر ۾ آمريڪا کي شرمندگي ۽ ناڪاميءَ کي منهن ڏسڻو پيو پيو آهي ۽ ٽرمپ جون ڌمڪيون نه تہ آمريڪا جي ذلت جو ازالو ڪري سگهن ٿيون ۽ نہ ئي علائقي ۾ سندس ناڪامين کي لڪائي سگهن ٿيون۔
ايراني فوجي عملدارن موجب آمريڪا طرفان وڌندڙ ڌمڪي وارو لهجو اصل وچ اوڀر ۾ پنهنجي ناڪامين جو اعتراف آهي، جنهن کي اهڙن بيانن سان ختم نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ واضح ڪيو ويو تہ ايران ڌمڪين يا دٻاءُ اڳيان هرگز نہ جهڪندو۔
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ جيڪڏھن آمريڪا ڪنهن بہ قسم جي جارحيت ڪئي تہ ايران سخت جواب ڏيندو، جنهن جا نتيجا سڄي علائقي لاءِ سنگين ٿي سگهن ٿا، ايراني عملدارن خبردار ڪيو تہ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي ذميواري آمريڪا تي هوندي۔
ياد رھي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ معاهدي لاءِ اڄ رات تائين آخري مهلت ڏئي چڪو آهي۔
هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو تہ ايران لاءِ هي مهلت حتمي آهي ۽ جيڪڏهن معاهدو نہ ٿيو تہ ايران جا بجلي گهر ۽ اهم ڍانچا تباهہ ڪيا ويندا، جڏھن تہ رات 12 ھين وڳي کان اڳ هر پاور پلانٽ کي نشانو بڻائڻ جو بہ چيو ويو آهي…..