لائیو ٽرمپ ايران کي آبنائي ھرمز کولڻ ۽ معاھدي لاءِ اڄ رات جي مھلت ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ معاهدي لاءِ اڄ رات تائين آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي۔

پريس ڪانفرنس دوران صدر ٽرمپ چيو تہ ايران لاءِ اڄ جي مهلت حتمي آهي، هن خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن معاهدو نہ ٿيو تہ ايران جا پاور پلانٽ ۽ اهم ڍانچا تباهہ ڪيا ويندا

ھن چيو تہ رات 12 وڳي کان اڳ ايران جا سمورا بجلي گهر نشانو بڻائي تباهہ ڪيا ويندا۔

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ هن وقت ڪجهہ ٻيا ماڻهو به سرگرم آهن جيڪي آمريڪا سان معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا، سندس چوڻ هو تہ ايران ۾ نون اڳواڻن سان ڳالهيون هلي رھيون آهن ۽ جنگ بندي لاءِ تيار ڌريون بہ موجود آهن، جڏھن تہ ڪجهه اهم ملڪ وچٿرائي جو ڪردار ادا ڪري رھيا آهن۔

هن دعويٰ ڪئي تہ گذريل ڀيري بہ معاهدو ٿيڻ جي ويجهو هو، پر سندس ساٿين کيس ٻڌايو تہ ايران معاهدو ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن تي هن 45 منٽن اندر حڪم ڏنو تہ ايران جو سڀ کان وڏو پل تباهه ڪيو وڃي، جيڪو 10 منٽن ۾ تباهه ڪيو ويو

هن چيو تہ هن ڀيري اميد آهي تہ بجلي گهرن ۽ پلن تي بمباري ڪرڻي نہ پوندي، ٻي صورت ۾ ايران کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ ممڪن آهي، جيڪو ايندڙ رات بہ ٿي سگهي ٿو۔

صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ جيڪڏھن ايران جو ڍانچو تباهہ ڪيو ويو ته ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۾ سئو سال لڳي سگهن ٿا، جيڪڏهن هاڻي ڇڏي به ڏنو وڃي تہ بہ بحالي لاءِ 20 سال گهربل هوندا۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں