لائیو اسرائيل جو ايران تي وڏو حملو، تھران ۾ يھودي عبادت گاھ، تباھ، ڪيترن ئي شھرن ۾ ڌماڪا

فہرستِ مضامین

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران نون حملن کانپوءِ گادي واري شهر تهران ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏھن تہ ايراني ميڊيا موجب مختلف هنڌن تي زور دار ڌماڪا ٿيڻ سبب خوف ۽ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آهي۔

تهران جي ڪيترن ئي علائقن سميت ڪرج شهر ۾ بہ ڌماڪا ٿيا آهن، جتي امڪاني نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي.

شروعاتي اطلاعن موجب ڪجهہ هنڌن تي اهم ڍانچي کي نقصان پهچڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن، جڏھن تہ اختيارين پاران صورتحال تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي۔

ٻئي پاسي ايران بہ اسرائيل خلاف جوابي ڪاررواين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دوران مختلف علائقن تي ميزائل حملا ڪيا ويا آهن، حملي دوران ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪن جي گونج ٻڌي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي۔

ذريعن موجب ڪويت ۾ ٿيل هڪ حملي دوران 15 آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جڏھن تہ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي تہ جاري جنگ دوران هيل تائين 373 فوجي اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 330 ٻيهر پنهنجي ڊيوٽي تي واپس اچي ويا آهن، جڏھن تہ 5 اهلڪار اڃا تائين علاج هيٺ آهن۔

تجزيي نگارن جو چوڻ آهي تہ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سڄي خطي کي وڏي تڪرار ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي، جڏھن تہ ته عالمي برادري طرفان حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آندي پئي وڃي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں