آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي تہ آمريڪا، ايران ۽ علائقائي ٽياڪڙي ڪندڙن جي هڪ گروپ وچ ۾ امڪاني جنگبندي بابت اهم ڳالهيون جاري آهن، جنهن تحت 45 ڏينهن جي جنگبندي تي غور ڪيو پيو وڃي۔
پرڏيھي ميڊيا موجب تجويز ڪيل جنگبندي ٻن مرحلن تي ٻڌل هوندي، پهرئين مرحلي ۾ 45 ڏينهن جي عارضي جنگبندي ڪئي ويندي، جنهن دوران ڌرين وچ ۾ جنگ جي مستقل خاتمي لاءِ ڳالهيون جاري رھنديون۔
ذريعن جو چوڻ آهي تہ ان عرصي دوران اعتماد سازي جي قدمن بہ غور ڪيو ويندو تہ جيئن جيئن ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي۔
ٻئي مرحلي ۾ جنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ هڪ باضابطا معاهدو طئي ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڳالهين کي وڌيڪ وقت جي ضرورت پئي ته هن عارضي جنگبندي ۾ واڌ پڻ ڪئي وڃي سگهي ٿي۔
ذريعن موجب ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر ڪنهن وڏي يا حتمي معاهدي تائين پهچڻ جا امڪان گهٽ آهن، پر اها ڪوشش جنگ کي وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ اهم موقعو سمجھيو پيو وڃي ۔
ٻئي پاسي وائٽ ھائوس ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي هن رپورٽ تي اڃا تائين ڪو باضابطه ردعمل ناهي ڏنو، جنهن سبب صورتحال ۾ غير يقيني برقرار آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏھن هي جنگبندي ڪامياب ٿي وڃي ٿي تہ اها علائقي ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ وڏي پيماني تي ٽڪراءُ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي۔….