لائیو ڪراچي، ایل پی جی سرڪاري اگھ کان 200 رپيا وڌيڪ وڪرو ٿيڻ لڳي

فہرستِ مضامین

ایل پی جی سرڪاري اگھ کان 200 رپيا وڌيڪ وڪرو ٿيڻ لڳي،  دڪاندارن ايل پي جي جي قيمت 450 کان 500 رپيا في ڪلو تائين پهچائي ڇڏي  آھي.

سرڪاري قيمت 310 رپيا في ڪلو هجڻ باوجود، ملڪ ۾ ايل پي جي جا سلينڊر 450 کان 500 رپيا في ڪلو تي وڪرو ٿي رھيا آهن، جنهن سبب شهرين کي وڏي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو  آهي.

اوگرا (آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي) خبردار ڪيو آهي ته مهانگي ايل پي جي وڪڻڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي اڄ کان شروع ڪئي ويندي.

ٻئي طرف، ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز جي چيئرمين عبدالهادي خان جو چوڻ آهي ته سپلاءِ گهٽ آهي ۽ ڊسٽريبيوٽرز کي سامان مهانگو ملي رهيو آهي. هن چيو ته اوگرا ۽ امپورٽرز ايل پي جي جي وڌيڪ قيمت تي وڪرو روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته هڪ ڪلو ايل پي جي سرڪاري قيمت کان تقريباً 200 رپيا وڌيڪ ۾ وڪرو ٿي رھي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں