ايران خلاف جنگ: آمريڪي فوج جا 13 اهلڪار مارجي ويا، 365 زخمي .پينٽاگون انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

آمريڪي دفاعي کاتي پينٽاگون ايران خلاف جاري جنگ بابت تازا انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو آهي تہ جنگ جي شروعات کان هيل تائين آمريڪي فوج جا 13 اهلڪار مارجي ويا آهن، جڏھن ته 365 زخمي ٿي چڪا آهن۔

پينٽاگون موجب زخمين ۾ مختلف فوجي شعبن جا اهلڪار شامل آهن، جن ۾ آمريڪي فوج (آرمي) جا 247، بحريه جا 63، مرينز جا 19 ۽ فضائيه جا 36 اهلڪار شامل آهن۔

رپورٽ موجب زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي به ٻڌائي پئي وڃي، جڏھن ته ڪجھ اهلڪار معمولي زخمن کان پوءِ واپس ڊيوٽي تي اچي ويا آهن۔

آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگي ڪارروائين دوران فوجي نقصانن جو جائزو وٺڻ جو عمل جاري آهي ۽ انگ اکر وقت سان گڏ تبديل ٿي سگهن ٿا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں