حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي مھانگي ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ سان گڏ بجيٽ ۾ سبسڊي 830 ارب رپين تائين محدود رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.
ايندڙ بجيٽ ۾ سبسڊي کي 830 ارب رپين تائين محدود ڪرڻ جي عزم سان پاڪستان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آھي تہ جنگ ۽ ان جي نتيجن ۾ عالمي توانائي منڊي کي آيل لوڏن جي اثرن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ ٽيرف ۾ بروقت اضافو ڪيو ويندو.
آءِ ايم ايف سان سان 7 ارب ڊالر جي وڌايل فنڊ سهولت تحت طئي ٿيل ڍانچائي موجب نئون بنيادي ٽيرف 15 جنوري 2027 کان لاڳو ٿيندو۔
آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو سميت بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ھڪ ڀيرو ٻيھر دير جو شڪار ٿي وئي آھي ۽ ھي ھاڻي 2027 تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آھي……