پاسداران انقلاب اسرائيلي شھر تل ابيب ۾ موساد جو ھيڊڪوارٽرز ميزائل حملي سان تباھ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي تہ وڏي عمارت جي ويجهو ڌماڪي جي آواز ٻڌا ۽ باهہ جو وڏو گولو ھوا ۾ اڀرندو نظر آيو۔
ايراني ميزائل حملن دوران شهرين اسرائيلي وزير جي گھر ۾ قائم پناهہ گاهہ ۾ پناهہ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وزير دروازو ئي نہ کوليو۔
ٻئي پاسي پاسداران انقلاب اڄ آمريڪا لاءِ ڪارو ڏينھن قرار ڏيندي چيو تہ نئين جديد ترين ھوائي فضائي نظام سان 2 جھاز، 5 ڊرون ۽ 2 ڪروز ميزائل تباھ ڪيا…..
ٻئي پاسي ايران پاران اسرائيلي گادي واري شھر تل ابيب ۽ حيفہ سميت مختلف شھرن تي فتح ميزائلن سان حملا ڪيا ويا، جنھن جي نتيجي ۾ عمارتون تباھ ٿي ويون، گاڏين کي باھ لڳي وئي، اسرائيلي دفاعي نظام ميزائل روڪڻ ۾ ناڪام رھيو.
پاسداران انقلاب گارڊ جي ترجمان ھڪ ڀيرو ٻيھر خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي انفارميشن ۽ ڪميونڪيشن ٽيڪنالوجي ڪمپنين کي ھدف بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آھي….