آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران جي مختلف شھرن ۾ ڪارروايون جاري آھن، جڏھن تہ ايران پاران جوابي ڪاروايون جاري آھن، پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آھي تہ ھن اوڀر ايران ۾ جديد ترين آمريڪي ويڙھاڪ جھاز ايف 35 کي تباھ ڪيو آھي.
ايران جو چوڻ آھي تہ ھي ٻيو آمريڪي ايف 35 جھاز آھي جنھن کي تازي ڇڪتاڻ دوران نشانو بڻايو ويو، پاسداران انقلاب موجب ھي ڪارروائي ايران جي ھوائي حدن ۾ ڪئي وئي.
ڪجهہ رپورٽن موجب، جهاز ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيڻ سبب ممڪن آهي تہ پائلٽ کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو نہ مليو هجي۔
ٻئي پاسي، آمريڪي سينٽڪام هن دعويٰ تي اڃا تائين ڪو بہ باضابطہ ردعمل ناهي ڏنو، جنهن سبب هن خبر جي آزاد ذريعن کان تصديق ٿي نہ سگهي آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي تہ اهڙيون دعوائون جنگي حالتن ۾ اڪثر سامهون اينديون آهن، جن جي تصديق لاءِ وڌيڪ ثبوتن ۽ سرڪاري بيانن جو انتظار ضروري هوندو آهي۔