آمريڪا جي جنگ بابت وزير پيٽي هيگسيٿ چيف آف اسٽاف جنرل رينڊي جارج کي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو آھي.
آمريڪي ميڊيا موجب جنگ بابت وزير اھڙو آرمي چيف ڏسڻ چاھي ٿو جيڪو فوج بابت صدر ٽرمپ ۽ سندس ويزن تي عمل ڪري سگھي.
جنرل رينڊي جارج، بائيڊن جي دوري جي دفاع واري وزير جو سينيئر ملٽري اسسٽنٽ بہ رھيو آھي، جيڪو پھرين نار جنگ، عراق ۽ افغانستان جي جنگن ۾ شريڪ ٿيو آھي.
عام طور آمريڪا ۾ آرمي چيف آف اسٽاف کي چئن سالن لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، جڏھن تہ 2023ع ۾ سينيٽ کان منظوري وٺندڙ رينڊي جارج کي 2027ع تائين اهو عهدو سنڀالڻو هو۔……