ايران آمريڪا جي جنگي سامونڊي جھاز بردار ابراھم لنڪن تي ڪروز ميزائل سان حملو ڪيو آھي.
روسي ميڊيا موجب پاسداران انقلاب دشمن خلاف 91 ھين لھر ۾ يو ايس ايس ابراھم لنڪن کي نشانو بڻايو آھي.
اسرائيل جي مختلف شھرن ۾ تي ايران ميزائل حملا ڪيا آھن، اسرائيلي دفاعي نظام حملا روڪڻ ۾ ناڪام رھيو ۽ ميزائل بنا رنڊڪ جي ھدف تي ڪرڻ سان زوردار ڌماڪا ٿيا ۽ باھ ڀڙڪي اٿي.
ايراني نيوي قيشم ٻيٽ تي دشمن جو ويڙھاڪ جھاز بہ تباھ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، آبنائي ھرمز جو دفاع ڪندي ڪيل ھن قدم جي ويڊيو روسي ميڊيا جاري آھي.
ان کانسواءِ اردن ۾ الازرق فوجي اڏي تي بہ ڊرون حملو ڪيو ويو، بحرين ۾ ايمازون جي ڪائوڊ فيسليبٽي کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.
ايراني فوج جي ترجمان ڪيمن گاھو تي حملي ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي مارڻ ۽ زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو تہ آمريڪا ۽ اسرائيل ھاڻي ماضي کان وڌيڪ سخت حملن لاءِ تيار رھن…..