برطانيہ جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ھڪ ڀيرو ٻيھر واضح ڪيو آھي تہ برطانيہ ڪنھن بہ صورت ۾ وچ اوڀر جنگ ۾ شامل نہ ٿيندو.
لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ هو تہ ايران-امريڪا جنگ اسان جي نہ آهي ۽ اسان ڪنهن صورت ۾ شامل نہ ٿينداسين۔
هنن خبردار ڪيو تہ ايران جنگ جا اثر اسان جي مستقبل تي اثرانداز ٿيندا، تنهنڪري اسان برطانيہ کي هن جنگ ۾ ڍڪڻ جي اجازت نہ ڏينداسين ۽ اسان ايندڙ نسلن کي محفوظ ملڪ ڏيڻ چاهيون ٿا۔هڪ سوال جي جواب ۾ برطانوي وزيراعظم چيو تہ آبنائي هرمز کولڻ لاءِ فارن سيڪريٽري يٽي ڪوپر سياسي ۽ سفارتي قدم کڻندا ۽ انهي سلسلي ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون بہ ڪنداسين۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران نيٽو اتحاد کان الڳ ٿيڻ تي غور بابت سوال تي وزيراعظم چيو تہ ڪيترو بہ دٻاءُ هجي، اسان کي پنهنجن ملڪ جي مفاد ۾ فيصلو ڪرڻو آهي۔
ٻئي طرف، ڊونلڊ ٽرمپ برطانيہ ۽ فرانس جي ايران جنگ ۾ شامل نہ ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو تہ جيڪڏھن ايران جنگ انهن جي ناهي تہ روس-يوڪرين جنگ بہ اسان جي ناهي۔
ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ اسان کان تيل خريد ڪريو يا پاڻ آبنائي هرمز وڃي تيل وٺو، آمريڪا هاڻي ڪنهن جي مدد نہ ڪندو۔……..