لاھور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي تي وارننگ ڏئي ڇڏي آھي.
ذريعن موجب ڪرڪيٽرز ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽ نہ ڪندا ۽ ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي قاعدن تي سختي سان عمل جي ھدايت ڪئي وئي آھي.
ذريعن جو چوڻ آهي تہ رانديگرن جي مينيجرن کي بہ هدايتن کان آگاهہ ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ پي سي بي واضح ڪري ڇڏيو آهي تہ سياسي نوعيت جون پوسٽون هرگز برداشت نہ ڪيون وينديون۔
ذريعن موجب، تڪراري پوسٽ ڪرڻ جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو….۔