اسلام آباد ۾ مشھور بزنس مين عامر اعواڻ قتل ڪيس جي جاچ ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ پوليس جاچ لاءِ واقعي ۾ ملوث 5 شڪي ماڻھن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي، پوليس مقتول جي گھرواري ۽ سيڪيورٽي گارڊن جو بيان بہ رڪارڊ جو حصو بڻايو آھي.
ذريعن موجب واقعي وقت سيڪيورٽي ڊيوٽي تي موجود گارڊ کان بہ پوليس جي جاچ جاري آھي، حراست ۾ ورتل ماڻھن جي قبضي مان ھٿيار بہ ھٿ ڪيا ويا آھن.
پوليس ذريعن جو چوڻ آھي تہ حراست ۾ ورتل ماڻھو قتل جي واردات ۾ ملوث آھن يا انھي حوالي سان جاچ جاري آھي………