ڪي پي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي آھي، مختلف واقعن ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن
جاري ڪيل انگ اکرن موجب ايبٽ آباد ۾ برسات دوران ڇت ڪرڻ سبب 4 ٻارن سميت 5 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، بنوں ۾ ٻن ڏينهن دوران 8 ڄڻا فوت جڏھن تہ ڪوھاٽ ۾ 2 ٻار ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿيا آھن، اھڙي طرح بٽگرام ۾ پڻ ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ ٻي زخمي ٿي پئي آھي.
بلوچستان ۾ برساتن سبب وڌيڪ چار ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿيا آھن، جڏھن تہ ٻوڏ جي وھڪرن سبب اين اي 50 ھاءِ وي سميت ڪيترائي رستا بند ٿي ويا آھن جنھن ڪري شھرن جو ھڪٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي
سوات ۽ ٻين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ درياھن چاڙھہ سبب ماڻهن جي لڏپلاڻ شروع رڪي ڇڏي آھي، جڏھن تہ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاري خراب موسم سبب وڌيڪ نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي……