وچ اوڀر صورتحال : صدر اھم اجلاس طلب ڪري ورتو، وزيراعظم، وفاقي وزير ۽ عسڪري قيادت شريڪ ٿيندي

فہرستِ مضامین

صدر آصف علي زرداري وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار بابت اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي۔

ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ هن اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اهم وفاقي وزير، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ وڏن وزيرن جي شرڪت جو امڪان آھي.

ذريعن جو چوڻ آهي تہ اجلاس ۾ وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، جڏھن تہ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ جنگ ۽ ان جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو۔

ذريعن موجب اجلاس ۾ نار ملڪن تي ٿيندڙ حملن کان پيدا ٿيل صورتحال بہ بحث ڪيو ويندو۔

ذريعن ٻڌايو آهي تہ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ملڪي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندو، جڏھن تہ ملڪ ۾ موجود پيٽروليم ذخيرن ۽ ان جي فراهمي جو پڻ جائزو ورتو ويندو۔

ان کانسواءِ اجلاس ۾ ڪفايت شعاري پاليسي ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو بہ ورتو ويندو۔

ذريعن جو چوڻ آهي تہ اجلاس ۾ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ڊرائيورن کي سبسڊي ڏيڻ بابت اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهن۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں