ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب حادثن ۾ 9 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آھن.
ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آھي، ڪي پي جي سوات، بنون، ھنگو، نوشھرا، ٽانڪ، باجوڙ، ڪِرڪ، پارا چنار، ملاڪنڊ سميت اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ھلڪي ۽ تيز برسات ٿي آھي.
ڪي پي ۾ برساتن سبب گھر، ڇتيون، ڀتيون ۽ ڇپرا ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن ۽ 47 ڄڻا زخمي ٿيا آھن.
پي ڊي ايم اي موجب فوتين ۾ 8 ٻار ۽ھڪ عورت شامل آھي، برساتن سبب 6 گھرن کي نقصان پھتو، حادثا بنون ۽ اتر وزيرستان ۾پيش آيا.
موسميات کاتي موجب ڪي پي جي مختلف ضلعن ۾ وقفي وقفي سان اڱاري تائين برساتن جو امڪان آحي.
ان کانسواءِ سرگوڌا،بکر، لوڌران، وھاڙي، چنيوٽ، حافظ آباد ۽ بھاولپور سميت پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ بہ برسات ٿي آھي……..