آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان ذريعي اڻ سڌي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رھي آهي، جلد ڪا ڊيل ٿي سگهي ٿي:ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ ايران سان جلد ڊيل ٿي سگھي ٿي، پاڪستاني سفارتڪارن ذريعي اڻ سڌين ڳالھين ۾ اڳڀرائي ٿي رھي آھي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز سان ڳالھائيندي چيو تہ آمريڪا ايران جي تيل کي قبضي ۾ وٺي سگھي ٿو، آمريڪا خارگ ٻيٽ تي قبضو ڪري سگھي ٿو.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ايران ڪيترن ئي پاڪستاني پرچم بردار جھازن کي ھرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏني، آبنائي ھرمز مان گذرندڙ جھازن جو انگ 20 ٿي ويو آھي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ ھو تہ ايراني اسپيڪر باقر قاليباف جھازن کي گذرڻ جي اجازت ڏني.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ پاڪستاني سفارتڪارن ذريعي اڻ سڌي طرح ڳاليھن ۾ اڳڀرائي ٿي رھي آھي، ايران سان جلد ڊيل ٿي سگھي ٿي.

ٽرمپ چيو تہ آمريڪا ايران سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڳالهيون ڪري رھيو آهي ۽ ايران سان ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي رھي آهي۔

هن وڌيڪ چيو تہ تمام ٿوري عرصي ۾ ڪيوبا ناڪام ٿي ويندو ۽ اسان انهن جي مدد لاءِ اتي موجود هونداسين

ٻئي طرف آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب سوين آمريڪي اسپيشل آپريشن فورسز وچ اوڀر پهچي چڪيون آهن۔۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں