ايران تي جنگ مڙھڻ خلاف آمريڪا ۾ وڏي پئماني تي صدر ٽرمپ خلاف نو ڪنگز مظاھرا شروع ٿي ويا آھن.
پرڏيھي ميڊيا موجب سموري آمريڪا ۾ گذريل ڏينھن مظاھرن ۾ 70 لک ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ جنگ روڪڻ جا مطالبا ڪيا.
نيويارڪ ۾ عالمي شھرت يافتہ ھالي ووڊ اداڪار رابٽ دي نيرو آمريڪي صدر تي ڇتي تنقيد ڪئي، رابرٽ ڊي نيرو خطاب ڪندي چيو تہ ٽرمپ پنهنجا غلط ڪم ڪانگريس ۽ عملي جي ملي ڀڳت کانسواءِ نٿو ڪري سگهي ۽ ڪرپٽ اڳواڻن کي پاڻ کي امير بڻائڻ کان روڪڻ گهرجي۔
پرڏيھي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ اڄ بہ 50 رياستن ۾ 3 ھزار 200 احتجاجي مظاھرن جو امڪان آھي، انتظاميہ موجب مظاھرن ۾ آمريڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تعداد ۾ مظاھرين شرڪت ڪندا .
ٻئي پاسي ايران تي جنگ مڙھڻ خلاف اسرائيل جي مختلف شھرن ۾ بہ مظاھرا ڪيا ويا ويا آھن….