آمريڪي فوج شاندار ڪم ڪيو، ايران معاھدو ڪرڻ چاھي ٿو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ آمريڪي فوج شاندار ڪم ڪيو آهي، ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان سان ڳالهين جو عمل جاري آهي۔

ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو تہ جيڪڏھن هو صدر نہ بڻجي ها تہ آمريڪا ختم ٿي چڪو هجي ها، ڏوھاري ماڻهن ۽ قاتلن کي آمريڪا مان ڪڍي ڇڏيو آهي۔

ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ ماضي ۾ دنيا جا خطرناڪ ماڻهو آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت وٺندا رھيا ۽ جيڪي آمريڪا ۾ ڏوھن ۾ ملوث آهن، انهن تي سخت اعتراض آهي۔

هن چيو تہ آمريڪي فوج بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، جن مان ڪو نہ ڪو نتيجو ضرور نڪرندو۔

هڪ ٻي تقريب کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو تہ “مڊنائيٽ ھيمر” آپريشن بعد بہ ايران پنهنجي ايٽمي صلاحيت تي ڪم جاري رکيو ۽ جيڪڏھن ايران وٽ ايٽم بم هجي ها  تہ  اهو اسرائيل خلاف استعمال ٿي سگهي ها۔

هن وڌيڪ چيو تہ ايران سعودي عرب، بحرين، قطر ۽ ڪويت تي ميزائل حملا ڪيا، ۽ هاڻي ايران ڪڏھن بہ سامونڊي جنگي جهاز نہ ٺاهي سگهندو.

ٽرمپ جو چوڻ هو تہ آمريڪا ايراني رجيم جي خطري کي ختم ڪري رھيو آهي، ايران گذريل 47 سالن کان وچ اوڀر ۾ ٻين ملڪن کي هراسان ڪندو رھيو ، پر هاڻي اهو ڪنهن کي بہ تنگ نہ ڪندو.

نيٽو بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو تہ نيٽو هڪ “ڪاغذي شينھن ” آهي، آمريڪا هميشہ ان جي مدد ڪئي، پر نيٽو ڪڏھن بہ آمريڪا جي مدد نہ ڪئي، جيڪا وڏي غلطي آهي، هن چيو تہ نيٽو جي ابتڙ گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين ۽ ڪويت آمريڪا جو ساٿ ڏنو۔

ٽرمپ چيو تہ سعودي ولي عهد سندس دوست آهن ۽ بهادر اڳواڻ آهن، جيڪو ايران کان نٿو ڊڄي، ترڪيہ هن معاملي کان پاڻ کي پري رکيو آهي ۽ امڪان آهي تہ وچ اوڀر جا سڀ ملڪ ابراهيم معاهدي ۾ شامل ٿيندا۔

ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي تہ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ کانسواءِ بہ مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا  ۽ اميد آهي تہ جنگ مهينن بدران هفتن ۾ ختم ٿي سگهي ٿي۔

فرانس ۾ جي سيون پرڏيهي وزيرن سان ملاقات کانپوءِ روبيو چيو تہ ايران ۾ فوجي هدف حاصل ڪرڻ باوجود هرمز کي کليل رکڻ هڪ چئلينج بڻجي سگهي ٿو۔……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں