جنگبندي ۽ ڳالهين جي گونج باوجود وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، آمريڪا، اسرائيل جا ايران تي حملا جاري آھن، ٻئي پاسي ايران پاران جوابي ڪاررواين جو سلسلو بہ جاري آھي.
آمريڪا ۽ اسرائيل پاران تھران، قمہ ۽ ٻين علائقن ۾ ٽن رھائشي عمارتن تي بمباري ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن.
ان کانسواءِ ايراني صوبي آذربائيجان جي علائقي ارومي ۾ بہ چئن عمارتن کي بمباري ڪري تباھ ڪيو ويو آھي
ٻئي پاسي ايران پاران بہ جوابي ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي، جتي اسرائيل ۽ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز موجب وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن ۽ اسرائيل تي وچين ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن، ڊرونز ۽ ملٽي وار هيڊ هٿيارن سان حملا ڪيا ويا آهن.
ايران موجب اسرائيلي شهر اشدود ۾ آئل اسٽوريج ٽينڪ ۽ ڊپو کي بہ نشانو بڻايو ويو آهي، جڏھن تہ ڪويت جي علي السالم، العديري ۽ گڏيل عرب امارات جي الظفر بيس تي بہ حملا ڪيا ويا آھن.
ھوڏانھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي توانائي وارن هنڌن تي حملا وڌيڪ 10 ڏينهن تائين روڪڻ جو اعلان ڪيو آھي.
آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آھي تہ ايراني حڪومت جي درخواست تي 6 اپريل تائين توانائي وارن هدفن تي حملا نہ ڪيا ويندا، ان کان اڳ بہ ٽرمپ حملا 5 ڏينهن لاءِ روڪڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏھن تہ هن خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏھن جنگبندي نہ ٿي تہ بي رحمي سان حملا جاري رھندا….