ايراني شھر بندر عباس تي ايراني نيوي جي تنصيبات تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ پاسداران ڪور جي سربراھ علي رضا تنگسيري کي شھيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، پر پاسداران انقلاب شھادت جي تصديق يا ترديد ناھي ڪئي.
ايراني سرڪاري ٽي وي موجب حملن ۾ شھري مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو، حملي ۾ ھڪ عمارت مسمار ٿي وئي.
ايراني ميڊيا موجب ڏکڻ خراسان ۾ بہ حملن جا اطلاع آھن، ايران جو چوڻ آھي تہ آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن ۾ شھيد ايرانين جو انگ 1937 ٿي ويو آھي……