آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آھي تہ ايران ڳالھين جو خواھشمند آھي پر ان جي قيادت کي خوف آھي تہ جيڪڏھن ڊيل ٿي تہ پنھنجي ئي عوام ھٿان مارجي سگھي ٿي.
صدر ٽرمپ چيو تہ آمريڪا ايران سان ڳالهين ۾ مصروف آهي ۽ ايران وڏي بيچيني سان معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر کليل نموني ڳالهائڻ کان لنوائي رھيو آهي۔
هن وڌيڪ چيو تہ ايراني قيادت کي خدشو آهي تہ جيڪڏھن هو ڊيل جو اعلان ڪندي تہ پنهنجي عوام طرفان ردعمل جو شڪار ٿيندي، جڏھن تہ کين آمريڪا کان بہ خطرو محسوس ٿئي ٿو۔
ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ هن دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايون آهن ۽ هڪ ٻي جنگ بہ کٽي رھيا آهن۔
هن وڌيڪ چيو تہ ايران جي سامونڊي ۽ ھوائي طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏھن “فيڪ نيوز” ڏٺو وڃي تہ ايئن لڳي ٿو ڄڻ آمريڪا جنگ هارائي رھيو هجي…۔