هڪ ڌر آمريڪا چوي ٿو ته ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ٻي ڌر ايران چوي ٿو ته ايئن ڪجھ به ناهي، ته پوءِ ڪنهن تي يقين ڪجي؟
قطر جو آمريڪا سان ويجهو دفاعي ۽ سيڪيورٽي اتحاد آهي ۽ هڪ مهينو اڳ تائين ان جا ايران سان به سٺا لاڳاپا هئا۔ بهرحال هاڻي ان جا عملدار چئي رهيا آهن ته هو آمريڪا يا ايران جي وچ ۾ ڳالهين جو حصو ناهن۔
هن علائقي ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو العدید ايئربيس به قطر ۾ موجود آهي، جيڪو گادي واري شهر دوحا کان ٻاهر واقع آهي۔ ان جي عملدارن به عوامي طور ايران خلاف جنگ جي مخالفت ڪئي هئي۔
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري جو چوڻ آهي: ”اسان روزانو آمريڪين سان ڳالهائيندا آهيون، پر هن وقت اسان جي ترجيح پنهنجي سرزمين جو دفاع ۽ تحفظ آهي۔

هن وقت واشنگٽن ۽ ٻين ملڪن جهڙوڪ ترڪي، پاڪستان ۽ مصر ۾ سفارتي ذريعا متحرڪ آهن ۽ ڌرين تائين پيغام پهچائي رهيا آهن۔
پر اهي باقاعدا ڳالهيون ناهن۔ ايران جي اسلامي حڪومت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ۽ انهيءَ ڪري ان جا مطالبا وڌيڪ سخت ٿي ويا آهن۔
هاڻي ان کي اميد آهي ته هو آبناءِ هرمز تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪري سگهندو، ٽرمپ جيتريون دعوائون ڪندو، پاڻ کي ڪامياب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ايران ڳالھين کان ايترو ئي پري ٿيندو ويندو.
آمريڪا سان ڪنھن بہ قسم جو معاھدو نہ ڪرڻ جو اعلان
ايران جي اعليٰ گڏيل فوجي ڪمان جي ترجمان آمريڪا سان ڳالهين جي خبرن کي رد ڪندي چيو تہ آمريڪا پنهنجي شڪست کي معاهدي جو نالو نہ ڏئي.
ترجمان وڌيڪ چيو تہ خطي ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ جا نشان باقي نہ رھندا، خطي ۾ استحڪام ايران جي فوج جي ضمانت تي آهي، جيڪا ڳالھ آمريڪا کي سمجهڻي پوندي.
ھن چيو تہ جيستائين آمريڪا کي ان ڳالھ جو تدارڪ نہ ٿيندو، تيستائين (تيل) جون قيمتون پراڻي سطح تي واپس نہ اينديون.
اعليٰ فوجي ڪمان جي ترجمان جو اهو بہ چوڻ هو تہ استحڪام طاقت ذريعي ايندو آهي، ايران جي چاهڻ تائين موجودہ صورتحال پهرين وانگر نٿي ٿي سگهي.
ايراني فوج جي ترجمان واضح ڪيو تہ نه هاڻي ۽ نہ ئي مستقبل ۾آمريڪا سان ڪو معاھدو ٿيندو، شروع کان وٺي اسان جا پهريان ۽ آخري لفظ اهي ئي رھيا آھن.
ايران ايٽمي ھٿيار نہ ٺاھڻ تي راضي ٿي ويو
آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي تہ ايران ايٽمي ھٿيار نہ ٺاھڻ تي راضي ٿي ويو آھي، جنھن لاءِ ھو سموريون ضمانتون ڏيڻ لاءِ بہ تيار آھي.
آمريڪا ميڊيا جي رپورٽس موجب ايران اھو اشارو ڏنو آهي تہ هو (ايٽمي) هٿيار نہ ٺاهڻ بابت سموريون ضروري ضمانتون ڏئي سگھي ٿو، تنهن هوندي بہ، ايران جوھري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي پنهنجي حق کي برقرار رکڻ چاهي ٿو.
رپورٽس ۾ ايراني ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي تہ گذريل ڪجھ ڏينهن دوران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطا ٿيا آهن، پر اهي رابطا اڃا تائين باضابطہ ڳالهين جي سطح تائين نہ پهتا آهن.
ذريعن موجب ايران جنگ جي خاتمي لاءِ سنجيده ۽ پائيدار تجويزون ٻڌڻ لاءِ تيار آهي، ايراني ذريعن جو چوڻ آهي تہ غور ھيٺ تجويزون رڳو جنگ بندي تائين محدود ناهن، پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار جي مڪمل خاتمي لاءِ هڪ “جامع معاهدي” تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.
رپورٽس ۾ ٽئين ڌر جو حوالو ڏيندي چيو ويو تہ ان سلسلي ۾ مختلف ٽياڪڙن جي ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جو سلسلو پڻ جاري آهي.