حڪومت خدشا ختم نہ ڪيا تہ سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي

فہرستِ مضامین

آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سڄي ملڪ ۾ ھزارين پيٽرول پمپ بند ڪيا ويندا.

ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ سان فوري ملاقات لاءِ خط لکيو ويو آهي۔ 6 مارچ تي پڻ خط لکيو هو، پر ڪو به جواب نہ آيو.

خط ۾ چيو ويو ته پيٽروليم شعبو آپريشنز، مالي مسئلن، قيمتن ۽ اوچتين پاليسي ۾ تبديلين واري عمل کي منھن ڏئي رھيو آھي،  حڪومت کي گهرجي ته پاليسي سازي ۾ صنعت جي اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪري، ملڪ جي 14 کان 15 هزار پيٽرول پمپ مالڪن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.

ايسوسيئيشن چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي ملڪ ۾  پيٽرول پمپ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين۔ پيٽرول پمپن جي بندش جي صورت ۾ پاڪستان ۾ سخت بحران جو خدشو آهي، ۽ اهڙي امڪاني بحران جي ذميواري وزارتِ پيٽروليم تي هوندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں