لائیو ايراني بحري اڏن تي حملا، اسرائيل بن گورين ايئرپورٽ خالي ڪرائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

جنگ جي 24 هين ڏينهن تي صوبي سيستان بلوچستان ۾ ايراني بحريه جي هٿيارن جي گودامن کي ڪيترن ئي فضائي حملن جو نشانو بڻايو ويو. مقامي ميڊيا موجب، اڄ سومر تي ڪنارڪ ۾ جن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو اهي ايراني بحريه جا هٿيارن جا ذخيرا ۽ اڏا هئا.

ان دوران اهڙيون تصويرون پڻ سامهون آيون آهن، جن ۾ گهٽ اوچائي تي اڏامندڙ جنگي جهاز ڏيکاريا ويا آهن، جن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اهي آمريڪي هئا.

رپورٽن موجب تهران ۾ هڪ چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ بسيج جو اڳواڻ محمد علي عطاريه مارجي ويو، جڏهن ته گاديءَ واري شهر جي ڏکڻ-اوڀر واري علائقي ۾ به هڪ هنڌ کي نشانو بڻايو ويو، جتي زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.

ٻئي طرف اسرائيل به تهران جي مختلف علائقن تي فضائي حملن جو سلسلو جاري رکيو. اکين ڏٺي شاهدن ۽ مقامي ماڻهن موجب شديد فضائي حملن کانپوءِ گاديءَ واري شهر جي وسيع علائقن ۾ بجليءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي. اسرائيلي حملن ۾ وزارت دفاع جي ماتحت اليڪٽرانڪ انڊسٽريز جي عمارت، جيڪا صياد شيرازي هاءِ وي تي واقع آهي، ان کي به نشانو بڻايو ويو جتي باهه لڳي وئي. تهران جي مشرقي، مغربي ۽ اترين علائقن ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز گونجندا رهيا.

اتر-مغربي شهر تبريز ۾ هڪ فضائي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٻن ڌماڪن ۽ جنگي جهازن جي اڏامن جا پڻ اطلاع سامهون آيا.

بن گورين ايئرپورٽ

اسرائيل ۾ تل ابيب جي ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع بن گورين ايئرپورٽ تي سائرن وڄڻ جا اطلاع مليا آهن، جنهن کانپوءِ اختيارين مسافرن کي اتان ڪڍي ورتو، جيئن اسرائيلي ميڊيا ٻڌايو آهي.

اسرائيلي هوم فرنٽ ڪمانڊ موجب مغربي نقب، اشدود، ڏکڻ تل ابيب، عسقلان ۽ غزه جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به خطري جا سائرن وڄايا ويا. اهڙي طرح وچين ۽ ڏاکڻي اسرائيل، تل ابيب، يروشلم ۽ بحيره مردار (Dead Sea) جي علائقن ۾ به سائرن جا آواز ٻڌا ويا. ميدانِ جنگ ۾ اها شدت ان وقت سامهون آئي جڏهن ڪجهه ڪلاڪ اڳ اسرائيلي فوج تهران ۾ بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو.

آمريڪي الٽيميٽم ۽ عالمي اثر

اها اڳڀرائي ان وقت ٿي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر جي شام ايران کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن هن 48 ڪلاڪن اندر آبنائي هرمز مڪمل طور نه کولي ته ايراني بجلي گهرن کي “مٽائي” (ختم ڪري) ڇڏيو ويندو. ٽرمپ ان لاءِ سومر جي ڏينهن شام 7:45 وڳي (آمريڪي وقت) جي آخري ڊيڊ لائن مقرر ڪئي هئي.

ياد رهي ته 28 فيبروري تي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هڪ طرف تهران ۽ ٻي طرف تل ابيب ۽ واشنگٽن وچ ۾ مسلسل ڌمڪين جي ڏي وٺ جاري آهي. هينئر تائين ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته هن تڪرار عالمي منڊين کي متاثر ڪيو آهي، تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، سڄي دنيا ۾ مهنگائي جا خدشا وڌايا آهن ۽ مغربي اتحادن کي به لوڏي ڇڏيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں