پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران هن جاري ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ بهادر ايراني عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس ظاهر ڪيو۔
وزيراعظم ايراني صدر کي عيدالفطر ۽ نوروز جون واڌايون پڻ ڏنيون۔
هن علائقي ۾ جاري خطرناڪ صورتحال تي به گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي زور ڏنو ته سڀني پاڙيسري ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي وڃي ۽ اختلافن جي پرامن حل لاءِ فوري طور ڳالهين ۽ سفارتڪاري ڏانهن واپسي ڪئي وڃي۔