آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون اڳتي وڌيون ۽ مسئلو حل ٿي ويو ته ٺيڪ، نه ته اسان بمباري جاري رکنداسين۔
آمريڪي صدر چيو ته ايران سان تڪرار جي مڪمل ۽ جامع حل لاءِ ڳالهيون جاري آهن۔
ٽرمپ چيو ته “اسان پنج ڏينهن جو وقفو ڪري رهيا آهيون، پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ٿئي ٿو۔ جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ رهيو ته معاملو حل ٿي ويندو، نه ته اسان پنهنجي مڪمل طاقت سان بمباري جاري رکنداسين۔
هن وڌيڪ چيو ته ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ آمريڪا به معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ امڪان آهي ته ايران امن جي بدلي پنهنجي جوهري هٿيارن جو پروگرام ڇڏڻ تي راضي ٿي وڃي۔
ٽرمپ موجب آمريڪا ايران جي وڏي بجلي گهرن ۽ توانائي تنصيبات تي حملن کي عارضي طور ملتوي ڪيو آهي، جيڪي اربين ڊالرن جي لاڳت سان ٺهيل آهن۔
هن چيو ته “هو هاڻي ايٽمي هٿيار نه رکندا، جيڪڏهن هن معاملي تي اتفاق نه ٿيو ته ڪو به معاهدو نه ٿيندو.
ٽرمپ وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هڪ “اهم متفقه نقطو” موجود آهي ۽ ڳالهين ۾ سندس صلاحڪار به شامل رهيا آهن۔
هن آخر ۾ چيو ته آمريڪا هڪ “اعليٰ شخصيت” سان ڳالهه ڪئي آهي، پر نئين سپريم ليڊر سان نه، ۽ اهو به چيو ته “اسان کي خبر ناهي ته هو زنده آهي يا نه۔