لائیو دهشتگردن کي پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نہ ڏينداسين:” فيلڊ مارشل جوانن سان عيد ملھائي، ملڪي سلامتي لاءِ دعا“. آءِ ايس پي آر

فہرستِ مضامین

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ڪرّم جو دورو ڪيو جتي هن عيدالفطر فوجي جوانن ۽ آفيسرن سان گڏ ملهائي، آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عيد جي نماز ادا ڪئي ۽ پاڪستان جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري۔

جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات دوران، فيلڊ مارشل کين عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ سندن بي لوث جذبي، اعليٰ حوصلي ۽ مثالي پيشواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو۔

جوانن جي بهادري ۽ جذبي کي ساراهيندي، فيلڊ مارشل آپريشن “غضبُ الحق” دوران سندن ڪاميابين کي واکاڻيو، جنهن جو مقصد دهشتگرد نيٽ ورڪن جو خاتمو ۽ سرحدي علائقن ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ آهي۔

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل زور ڀريو ته افغانستان ۾ سرحد پار موجود پناهه گاهن مان سرگرم دهشتگردن کي پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔

هن علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو ته افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف سرگرمين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو۔

فيلڊ مارشل فارمیشنز جي بي ٿڪ ڪوششن کي مڃتا ڏيندي چيو ته آپريشنل ڪاميابين جو ڪريڊٽ قوم جي شهيدن جي اعليٰ قربانين ۽ آفيسرن ۽ جوانن جي اٽل عزم کي وڃي ٿو۔

هن جوانن جي ثابت قدمي تي فخر جو اظهار ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ اٽل عزم کي ٻيهر ورجايو۔

ڪرّم پهچڻ تي فيلڊ مارشل جو ڪور ڪمانڊر پشاور طرفان گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں