آپريشن غضب للحق ۾ پاڪ فوج جون افغانستان ۾ ڪامياب ھوائي حملا جاري آھن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج 17 مارچ جي رات ڪابل ۽ ننگرھار ۾ افغان طالبان جي فوجي تنصيبات کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب حملن ۾ پاڪ فوج ڪابل ۾ ٻن ھنڌن تي ٽيڪنيڪل سپورٽ انفرا اسٽرڪچر ۽ ايمونيشن اسٽوريج کي اثرائتي انداز ۾ تباھ ڪيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ھوائي حملن بعد باھ جا اٿندڙ شعلا ان ڳالھ جي تصديق ڪن ٿا تہ ھي بارود جو وڏو ذخيرو ھيو .
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آھي تہ افغان طالبان جي ترجمان زبيح اللھ مجاھد جو اسپتال کي نشانو بڻائڻ وارو بيان کِل جوڳو آھي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ننگرھار ۾ بہ ڪارروائي ڪندي پاڪ فوج افغان طالبان جي چئن هنڌن تي موجود فوجي تنصيبات کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو آهي۔
ننگرھار ۾ فوجي تنصيبات سان لاڳاپيل لاجسٽڪ انفرا اسٽرڪچر کي پڻ تباهہ ڪيو ويو، جڏھن تہ فضائي ڪاررواين دوران ھٿيارن (ايمونيشن) ۽ ٽيڪنيڪل انفرااسٽرڪچر کي بہ نقصان پهچايو ويو۔
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي تہ “ آپريشن غضب للحق ” تحت ڪارروايون هدف حاصل ٿيڻ تائين جاري رھنديون۔….