وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي ۽ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري جنگ 16هين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي، تازي حملن ۾ ايران جي شهر اصفهان کي نشانو بڻايو ويو جتي گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهو شهيد جڏھن تہ ڪيترائي زخمي ٿي پيا۔
آمريڪي سينٽڪام ايران ۾ هدفن کي نشانو بڻائڻ واري ڪاررواين جي وڊيو جاري ڪئي آهي، اطلاعن موجب تازي حملن ۾ شهر اصفهان جي صنعتي علائقي کي نشانو بڻايو ويو جتي گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻھو شھيد ٿيا آھن، ٻئي پاسي تهران ۾ واقع خلائي تحقيق جي هڪ مرڪز تي بہ حملو ڪيو ويو
اسرائيلي اهلڪار دعويٰ ڪئي آهي تہ ڪاررواين دوران ٻہ وڌيڪ اعليٰ ايراني عهديدار بہ مارجي ويا آهن، پر انهي سلسلي ۾ ايران پاران ڪا بہ تصديق يا ترديد ناھي ڪئي وئي .
ايراني اهلڪار موجب 28 فيبروري کان جاري حملن ۾ شھيدن جو مجموعي تعداد 1400 کان وڌي چڪو آهي، 33 هزار عمارتون تباهہ ٿي چڪيون آهن.
ٻئي پاسي ايران بہ اسرائيل تي ميزائل ۽ ڊرون حملا وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پاسدارانِ انقلاب موجب اسرائيل خلاف حملن جي نئين لهر شروع ڪئي وئي جنهن ۾ پهريون ڀيرو سجِيل بيلسٽڪ ميزائل استعمال ڪيا ويا۔
اسرائيلي شهر تل ابيب ۾ مختلف هنڌن تي ميزائل حملا ٿيا ، نتيجي ۾ عمارتن ۽ گاڏين کي نقصان پهتو، جڏھن تہ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون رپورٽون بہ سامهون آيون آهن۔
ايران جو چوڻ آهي تہ علائقي ۾ ڪجهہ آمريڪي فوجي اڏن کي بہ نشانو بڻايو ويو آھي، ذريعن موجب رياض ويجهو الخرج علائقي ۾ واقعي آمريڪي فوجي اڏي ۽ عيسيٰ ايئر بيس تي پڻ حملو ڪيو ويو، جڏھن تہ ڪجهہ نار ملڪن دعويٰ ڪئي آهي تہ ايراني ڊرونز ۽ ميزائلن کي ناڪارا بڻايو ويو آھي.
ايراني سياستدان ۽ پاسدارانِ انقلاب جي اڳوڻي ڪمانڊر محسن رضائي جو چوڻ آهي تہ آبنائي هرمز کي کولڻ جو فيصلو حالتن موجب ڪيو ويندو ۽ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي نار ملڪن مان پنھنجي فوجي موجودگي ختم ڪرڻي پوندي۔…..