صدر آصف علي زرداري چيو آھي تہ دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۽ تعصب جي خاتمي جي ضرورت آهي۔
اسلاموفوبيا جي تدارڪ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو تہ اسلام امن، همدردي ۽ انصاف جو دين آهي ۽ اسلام کي انتهاپسندي سان جوڙڻ لاعلمي جي عڪاسي آهي۔
صدر چيو تہ عالمي برادري کي نفرت انگيز ڏوھن خلاف قانوني تحفظ مضبوط ڪرڻ گهرجي، اظهار جي آزادي نفرت پکيڙڻ لاءِ استعمال نہ ٿيڻ گهرجي، مذهبي احترام ۽ بين المذاھب هم آهنگي کي ھٿي ڏيڻ ضروري آهي۔
هن زور ڏنو تہ دنيا ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۽ تعصب جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ لازمي آهي۔
صدر چيو تہ ڪرائسٽ چرچ جو سانحو انسانيت جي ضمير کي جھنجھوڙيندڙ واقعو هو ۽ پاڪستان اسلاموفوبيا خلاف عالمي فورمز تي مسلسل آواز بلند ڪندو رھيو آهي
هن وڌيڪ چيو تہ ٻاهرين ملڪ ۾ رھندڙ پاڪستاني معاشر جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رھيا آهن ۽ مسلمانن خلاف تعصب انهن جي تحفظ تي اثر انداز ٿئي ٿو۔
آصف علي زرداري چيو تہ پاڪستان ۾ اقليتن کي مساوي حق ۽ موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ آزاد نيشنل ڪميشن قائم ڪئي پئي وڃي.
هن زور ڏنو تہ عالمي برادري کي تعصب جي خاتمي ۽ ڳالھين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، مذهبي عقيدن جو احترام ۽ مساوي قانوني تحفظ عالمي ذميواري آهي۔……….